ٽنڊو رحيم خان ( ن پ ا) ٽنڊو رحيم خان ۾پندرهين ڏينهن به پولش آئل ۽ گئس ڪمپني انتظاميا جي زيادتين خلاف ڪامريڊ امين جمالي، غلام نبي جمالي، دوست علي شاهاڻي، شعيب شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو پولش ڪمپني ۾ ٺيڪا غيرمقامي ٺيڪيدارن کي ڪميشن عيوض ڏنا وڃن ٿا، مقامي ماڻهن کي روزگار نه ٿو ڏنو وڃي، روزرگار لاءِ احتجاج ڪندڙن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت سنگين نتيجا ڀوڳڻ جا نياپا ڏنا وڃن ٿا. هنن گهر ڪئي ته پولش ڪمپني جي ڏاڍائين جو نوٽس وٺي علائقي واسين کي روزگار جا حق ڏنا وڃن.