ٽنڊوجان محمد(ن پ ا) ٽنڊوجان محمد وارڊ نمبر 7 جي مغل پاڙو، خاصخيلي پاڙو، مالھي پاڙو جي رھواسين طرفان پنج ڏينھن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبشر مغل، شھباز جٽ، اقبال خاصخيلي، راجه مالھي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڏيڍ مھيني ۾ پنج ڀيرا ٽرانسفارمر سڙيو آھي ھر واري ٽرانسفارمر ٺھرائڻ جي نالي تي رهواسين کان واپڊا وارا 30 کان 40  هزار وٺن ٿا ۽ ٽرانسفارمر بار بار سڙيو وڃي، غريب ماڻھون واپڊا وارن کي روز روز ڪٿان پئسا ڏين، ھنن اعلي اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي ٽرانسفارمر ٺهرائڻ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.