ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ٽنڊوباگو انٽر ڪلب ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ستين رائونڊ ۾ غلام نبي ڪلب ٽنڊوباگو ۽ گليڪسي ڪلب ماتلي جي ٽيمن ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو. گليڪسي ڪلب ماتلي جي ٽيم 40 اوورن ۾ 225 رنسون اسڪور ڪيون، نظير وسيم 94 رنز ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته غلام نبي روستماڻي ڪلب جي عبدالرئوف 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ٽنڊوباگو جي ٽيم 31 اوورن ۾ 4 رانديگرن جي نقصان تي ميچ کٽي ورتي، غلام نبي رستماڻي جي شاھزيب 78 ۽ عبدالرئوف 40 رنز اسڪور ڪيون، مين آف دي ميچ جو ايوارڊ عبدالرئوف کي ڏنو ويو.