ٽنڊوباگو/ڏيئي (نمائندن وٽان) ڏيئي لڳ ھڪ مھينو اڳ ڳوٺ سونو خان گرگيز ۾ قتل ٿيل نوجوان ابراھيم  گرگيز جي وارثن پاران قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي مقتول نوجوان جي ماءُ ايمڻان، زال نورخاتون، دين محمد، ممتاز، خان محمد ۽ نعيم گرگيز ۽ ٻين چيو ته اسانجي نوجوان ابراهيم گرگيز کي زاهد رستماڻي، آسن ڪولهي، هيرو ۽ راجو ڪولهي بيدردي سان قتل ڪري لاش فصل ۾ اڇلايو ويو، جن کي ڏيئي پوليس گرفتار ڪري مٿن قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو، پر ڏيئي پوليس اڃان تائين قتل جي بڇ ڪرائيندڙ جوابدارن کي ڪيس ۾ شامل نه ڪيو آهي، ھاڻي قتل ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ جوابدارن جي وارثن طرفان اسانکي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته جيئڻ دٻاءَ ۾ اچي اسين ڪيس تان ھٿ کڻي وڃون. اسان پاران انڪار ڪرڻ تي هو اسان جي نوجوانن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ حراسان ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڏيئي پوليس به قاتلن جي وارثن جي ساٿاري بڻجي وئي آهي.  ھنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراھم ڪري دٻاءَ وجھندڙ بااثرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.