ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ سماجي تنظيم پاران 250 جوڙن جي اجتمائي شادي ڪرائي وئي، ڄاڃين جو دهلن شرناين سان استقبال، ڏاج ڏيڻ سميت کاڌو کارايو ويو، رپورٽ موجب سماجي تنظيم اڏيرو لال ويلفيئر پاران مذھبي رواداري جو مثال قائم ڪندي شھر جي مقامي هال ۾ هر سال وانگر هن سال به تقريب ڪوٺائي 250 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي، جوڙن ۾ 100 مسلمان، 100 هندو ۽ 50 عيسائي جوڙا شامل هئا، تقريب ۾ سانگهڙ، کپرو، ٽنڊو آدم، ڄام نواز علي، شھدادپور، مٽياري، هالا، ٽنڊوالهيار، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، مورو، سڪرنڊ سميت مختلف علائقن مان گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ڄڃ وٺي هال ۾ پهتا ته سندن دهلن شرناين سان استقبال ڪيو ويو، مسلمان جوڙن جو اسلامي طريقي موجب نڪاح ڪرايو ويو، جڏهن ته هندو ۽ عيسائي جوڙن جون سندن مذھبي ريتن رسمن تحت شاديون ڪرايون ويون، سماجي تنظيم پاران گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڪپڙا، سونو ڪوڪو، روڪ رقم، هنڌ، ڪمبل، پکا، ڪولر سميت گهر ۾ استعمال هيٺ ايندڙ هڪ لک رپين جي ماليت جو ڏاج ڏنو ويو ۽ ڄاڃين ۽ مهمانن کي ماني به کارائي وئي، ان موقعي تي سماجي تنظيم جي چيئرمين بابا راجڪمار ڳالهائيندي چيو ته غربت وڌي وڃڻ سبب غريب طبقو پنهنجي اولاد جون شاديون ڪرائي نٿو سگهي، جنهن سبب ڪيترين ئي نياڻين جي عمر وڌي وڃڻ سبب انهن جون شاديون نه ٿيون ٿين، هي هڪ عظيم ڪم آھي، اسان بنا ڪنهن مڌ ڀيد ۽ مذھب جي 2016 کان باقاعدگي سان هر سال مستحق جوڙن جون شاديون ڪرائي رهيا آھيون، هن چيو ته اگر سرندي وارا ۽ حڪومت هن ڪم ۾ سهائتا ڪري ته اڃا به وڌيڪ غريب جوڙن جون شاديون ڪرائي سگهجن ٿيون، تقريب ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.