ٽنڊو آدم ڀرسان شاخ کي گھارو، فصل پاڻي ھيٺ

0
107
ٽنڊو آدم ڀرسان

ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ڀرسان سُئي ڪندر شاخ کي 25 فُٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ ڪڻڪ ۽ سرنهن سوڌو ڀرپاسي پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهارو ٻڌڻ لاءِ نه پهتو، ڳوٺاڻا فصل بچائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آھن

 ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ هن شاخ جي کوٽائي توڙي مرمت لاءِ 50 ڪروڙ رُپيا خرچ ڏيکاريو ويو، ايترا پئسا خرچ ٿيڻ باوجود گهارا ڪيئن پون ٿا؟ گهاري ۽ نقصان جون ذميوار آبپاشي اختياريون قرار..