ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم واسي نينگري راما پير جي ميلي مان گم، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم لڳ فوجي موڙ جي رهواسڻ نينگري شويتا ڌيءُ ڪڇي ڀيل راما پير جي ميلي ٽنڊي الهيار مان ياترا دوران رش سبب گم ٿي وئي، وارثن موجب نينگري ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود هٿ اچي نه سگهي، وارثن وس وارن کي نينگري جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.