ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊومستي ۾ قومي شاهراهه تي مزدا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، اوڪاڙا واسي 2 عورتون فوت، هڪ ٻارڙي زخمي، مليل ڄاڻ موجب اوڪاڙا چڪ جو رهواسي خاندان موٽرسائيڪل تي قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته تيز رفتار مزدا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ورهين جي صوبيا ڌيءُ شوڪت شيخ، 30 ورهين جي سلميٰ بيبي زال الياس کرل ٿڌي تي فوت ويون، جڏهن ته 5 ورهين جي فاطمه ڌيءُ الياس شديد زخمي ٿي پئي، فوتي عورتن جا لاش ۽ زخمي ٻارڙي کي سول اسپتال خيرپور آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس مزدا ڊرائيور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.