ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين سيد ثمر شاھ رضوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾  78 ڪروڙ 67لک  88 هزار 825 رپين جي بجيٽ پيش ڪيو وئي.اجلاس ۾ ويٺل تمام ميمبرن بجيٽ کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو،  بجيٽ ۾  78 ڪروڙ 61 لک 27 هزار 270 سالانه خرچ ظاهر ڪري 6 لک 61 هزار 555 روپيا بچت ظاهر ڪئي وئي آهي، ملامن جي پگهارن ۽ پينش لاءِ   47 ڪروڙ 81 لک 27 هزار 270 رپيا مختص ڪيا ويا، شهر جي مختلف علائقن جي  ڊسپوزلس لاءِ هڪ ڪروڙ 50 لک رپيا، 30 لک روپيا ميونسپل ڪاميٽي جي بلڊنگ لاءِ  مختص ڪيا ويا آهن. محرم احرام، عيدميلاد نبي ۽ ٻين مذهبي ڏهاڙن تي شهر ۾ لائيٽس ۽ سبيلن لاءِ  25 لک روپيا مختص ڪيا ويا آهن. قومي ڏيهاڙا ملهائڻ لاءِ  15 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ان جي علاوه مختلف مد ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي اسٽيشنري ۽ ٻين ڪمن لاءِ  به لکين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ميونسپل چيئرمين چيو ته شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏينداسين.