ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بلوچ ڪمپان مان 6 مهينا اڳ اڻڄاتل هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي ٻن يتيم نينگرين 12ورهين جي فاطمه ۽ 6 ورهين جي رقيعه بلوچ کي هٿيارن جي زور تي مبينا طور اغوا ڪري ويا هئا، سندن بيواھه ماءُ رضيه بلوچ جي فرياد تي اي سيڪشن پوليس ڪيس داخل ڪيو پر نياڻيون بازياب نه ٿي سگهيون، امڙ رضيه بلوچ چيو ته پوليس نياڻين جي لوڪيشن ڪوئيٽا مان ملڻ جو ٻڌائي پئسا گهريا، غريب آهيون، پئسا ڪٿان آڻيون،  رابطو ڪرڻ تي اي سيڪشن پوليس پوليس ٻڌايو ته نينگرين جي اغوا ۾ ملوث جوبدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي، گهرو وزارت کان منظوري ملڻ بعد ٽيم بلوچستان اماڻيون ويندي، پوليس رشوت گهرڻ وارا الزام رد ڪري ڇڏيا، پئسن جي گهر نه ڪئي آهي،

ٽنڊوالهيار: 4مهينن کان گم پرڻيل عورت جو پوليس پتو لڳائڻ ۾ ناڪام

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار شھر جي اڪرم ڪالوني مان پر اسرار نموني گم ٿي ويل شادي شده ناري عائشه لغاري جو 4مهينا گذرڻ باوجود  پتو نه پئجي سگهيو، عائشه لغاري جي وارثن مسمات خيران لغاري ۽ غفار لغاري دانهيندي چيو ته 3 سال اڳ نياڻي عائشه جي وجاهت عبدالله لغاري سان شادي ٿي هئي، چئن مهينن کان نياڻي گم آهي، شڪ آهي ته سندس مڙس وجاهت نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائي ڇڏيو آهي يا وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته سيڪشن ٿاڻي تي پوليس اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد  ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي اپيل ڪئي ته نياڻي عائشه کي بازياب ڪرائي سندس مڙس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي. شادي شده عورت عائشه لغاري جي گم ٿيڻ بابت پوليس جو چوڻ هو جيڪڏهن عائشه کي گم ڪرڻ ۾ مڙس ملوث هوندو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، جاچ جاري آهي.

 

ٽنڊوالهيار: ملھه پهلوان علي حسن خاصخيلي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا

ٽنڊو الهيار (رپورٽر) سنڌ جي ناليواري ملھه پهلوان علي حسن خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي وارثن ۾ ڳڻتي واري لهر ڇائنجي وئي آهي، رابطو ڪرڻ تي مقتول علي حسن خاصخيلي جي پٽ سليم خاصخيلي چيو ته پيءُ جا قاتل کلي آزاد گهمي رهيا آهن پر پوليس تماشو ڏسڻ ۾ مصروف آهي، انصاف ٿيندي نظر نه ٿو اچي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته پهلوان علي حسن خاصخيلي ڪيس ۾ گهربل جوبدار سڌير گوپانگ جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.