ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ وزير احمد، مسمات پروين، عباد ۽ گل حسن سخت زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو، جتان وزير احمد ۽ گل حسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايل ايم يو حيدرآباد نيو ويو. جڏھن ته موٽرسائيڪلن جي ٽڪر جي حادثن ۾ سھيل، حسنين، مظفر، عظيم، غلام مرتظي’ ۽ عبدالغفور زخمي ٿي پيا. ٻن مختلف ڌرين جي جھيڙي دوران سڪندر ۽ امداد ملوکاڻي زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو .