ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجهو ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، نينگري فوت، ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، رپورٽ موجب باءِ پاس تي هل ٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي  نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ۾ سوار 6 ورهين  جي صدف ڌيءُ گل نواز لاکو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏھن ته  4 ورهين جو ربنواز، 15 ورهين جي سائره، 24 ورهين جو غلام نبي ۽ 26 ورهين جي بختاور زخمي ٿي پيا، فوتي نينگري جو مڙهه ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو.