ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊي آدم  ۾9 مهينا اڳ گهر اندر مبينا طور مارجي ويل پنجاب واسڻ پرڻيل ناري مامرو، آءِ جي جي حڪم تي ڪيس جي ٻيهر جاچ شروع، اي ايس پي گمبٽ جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي، ناري جي سس ۽ مڙس جو دوست گرفتار، مڙس ۽ 2 ڏير جاچ ۾ شامل، رپورٽ موجب شهر جي سراج ڪالوني ۾ 9 مهينا اڳ گهر اندر مبينا طور گوليون لڳڻ سبب مارجي ويل پنجاب واسي ناري شازيه زال مظهر عباس چغتائي واري مامري جي آءِ جي سنڌ ٻيهر جاچ جو حڪم ڏيندي اي ايس پي گمبٽ حسنين وارث جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي آهي، جنهن ۾ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم اعجاز علي ميمڻ ۽ ايس ايچ او سٽي امتياز کهاوڙ کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آھي، سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي مقتولا جي مڙس مظهر عباس چغتائي جي دوست فراز خان ۽ سس مسمات ڪوثر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس پاران عورت جي مڙس ۽ ٻن ڏيرن اڪبر حسين چغتائي ۽ ثمر عباس چغتائي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد 3 ئي جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، پوليس گرفتار ڪيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت عورت ۽ مرد کي جيل موڪلي ڇڏيو.