ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  طرفان گڊز ٽرانسپورٽ ۾ لوڊ مينيجمينٽ تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ ۾ اوور لوڊنگ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيشنل هاءِ وي سيفٽي آرڊيننس 2020 ع باوجود گڊز ٽرانسپورٽ ۾ اضافي سامان لوڊ ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري روڊن جو انفرا اسٽرڪچر خراب ٿي رهيو آهي، جاني ۽ مالي نقصان به ٿي رهيو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڪيو ته جيڪو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، ان مطابق ٽرڪن ۽ ٽرالرن ۾ سامان لوڊ ڪيو وڃي، لوڊمينيجمينٽ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. ٻڌڻي دوران ڪي پي ٽي ۽ ٻين ادارن لوڊ مينيجمينٽ تي عمل جي خاطري ڪرائي