واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي سپريم ڪورٽ مجرماڻي ڪيسز ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جزوي ڇوٽ ڏئي ڇڏي، خابرو ايجنسي موجب سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ کي اڳوڻي صدر جي حيثيت سان پنهنجي خلاف ڪيسن ۾ ڪجهه ڇوٽ ملي سگهي ٿي.  سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته اڳوڻي صدر کي پنهنجي بنيادي آئيني اختيارن لاءِ مڪمل ڇوٽ حاصل آهي. خابرو ايجنسي موجب سپريم ڪورٽ ۾ ٽرمپ جي حق ۾ 6 ججن ۽ مخالفت ۾ 3 ججن فيصلو ڏنو. عدالت ٽرمپ کي ڇوٽ ڪيس لوئر ڪورٽ ۾ واپس موڪلي ڇڏيو، ٽرمپ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي جمهوريت لاءِ وڏي فتح قرار ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن صدر بائيڊن جي چونڊ مهم جي عهديدار چيو ته ٽرمپ پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندو آهي.