ٽانڪ (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ پوليس گومل ٿاڻي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڏکڻ وزيرستان سان لاڳاپيل ضلعي ٽانڪ جي ٿاڻي گومل تي دهشتگردن حملو ڪيو، پوليس ٿڏي تي فائرنگ جو جواب ڏيندي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس ۽ دهشتگردن ۾ 15 منٽن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع نه مليو، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا. حملي کانپوءِ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. هوڏانهن بنون ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري 3 دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا، جن جو واسطو ڪالعدم ٽي ٽي پي سان آهي. ٻئي پاسي اتر وزيرستان جي علائقي دانڊي سيدگي ۾ اهلڪار جي گهر تي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.