ٽالهي رپورٽ (ن پ ا) ٽالهي ۾ وڌيڪ اگهه وٺڻ تي ٻه چڪيون سيل ڪري  دڪانن مان خراب سامان ڪڍي ساڙيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار شهر جي اٽي جي چڪين تي ڇاپا هڻي اگهه معلوم ڪيو اگهه وڌيڪ هجڻ ڪري ٻن اٽي چڪين کي سيل ڪيو ويو جڏهن ته شهر جي مختلف  دڪانن تي ڇاپا هڻي عام واهپي وارين شين جا ريٽ معلوم ڪيا ٻن دڪانن مان روز مره جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي ايڪسپائر ڊيٽ هجڻ ڪري دڪانن مان سامان کڻي روڊ تي باھ ڏئي ساڙيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري ڪريانا دڪاندارن  ۽ چڪين مالڪن کي وارننگ ڏني وئي ته 85 رپين کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن ۽ چڪي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي