لاهور (م ڊ) سياسي مخالف شادي جي سماجي تقريب ۾ هڪ ٿي ويا، پي ٽي آءِ جي جمشيد چيمه سعد رفيق  کان نواز شريف جي واپسي جو پچي ورتو. سعد رفيق چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي. ڪالهه پي ٽي آءِ اڳواڻ همايون اختر جي پٽ جي شادي هئي. وليمي ۾ پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ سميت مختلف سياسي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي جمشيد اقبال چيما ۽ نواز ليگ جي خواجه سعد رفيق ۾ دلچسپ ڳالهيون ٿيون. جمشيد چيما چيو ته ٻڌو آهي ته نواز شريف جلد اچي پيو، جنهن تي سعدرفيق چيو ته اهو شوشو آهي. جنهن تي جمشيد چيما سعد رفيق کي ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته ڪجه ته ٻڌايو اسان به ڪا تياري ڪري وٺون. سعد رفيق چيو ته هن وقت رڳو ڳالهيون آهن. شينهن آيو ته سونامي جهڳ جيان ويهي ويندي.