ڀٽ شاهه: سنڌ اسيمبلي ۾ مذهبي معاملن بابت پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي هير سوهو جي درگاھ ڀٽائي تي حاضري مزار تي گلن جي چادر چاڙھي فاتحه پڙھي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته لطيف سائين جي دگاھ تي پهچي تمام گهڻو سڪون مليو آھي. سنڌ صوبي ۾ ڪرپشن جا الزام لڳي رهيا آھن ته باقي ٻين ٽن صوبن ۾ فرشتن جي حڪومت هوندي به تباهي ڇو آھي؟ هن پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته نيازي سرڪار تباهي مچائي ڇڏي آھي. عمران حڪومت مهنگائي جي طوفان کانسواءِ عوام کي ڪجھ به ناهي ڏنو خاص ڪري وفاقي سرڪار سنڌ کي پنهنجي حقن کان محروم رکيو آھي. اوقاف جي ڪچن ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان هن چيو ته اوقاف کاتي جي ڪچن ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان اسان پنهنجي اجلاس ۾ ملازمن ۽ سنڌ جي درگاهن تي رهيل ترقياتي ڪمن سان گڏ درگاهن کي وسيح ۽ خوبصورت بڻائڻ لاء جلد اپاءُ وٺي رهيا آھيون.