ٻوڏ، سياسي ڄنڊا پٽ ۽ مستقبل جي سياست

0
358
سياسي بحران پڄاڻي تي پهچندو يا وڌندو ؟

   ملڪ اندر برساتي ٻوڏ اهڙي تباهي ڪئي آهي جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ ڳولڻ سان به ڪو مثال نه ٿو ملي، پر ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تباهي به ملڪ اندر سياسي رساڪشي ۽ ڇڪتاڻ اڳيان بند ٻڌي نه سگهي آهي. عمران خان ڪجهه ڪلاڪن ۾ 5 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن جي فنڊ لاءِ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، وارين ڳالهين تي ٻڌل پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪري اهو محسوس ڪرائڻ ۾ مصورف آهي ته ماڻهو عمران خان تي اعتماد ڪن ٿا، ايئن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران پرڏيهي وزارت ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ڪيل ڪانفرنس ۾ وڌ ۾ وڌ فنڊ گڏ ٿيڻ جون دعوائون يا ائين کڻي چئجي ته مقابلي بازي جاري آهي. وفاقي ڪابينا ۾ شامل اڪثر وزير ڪالهه به عمران خان تي تنقيد ڪندا رهيا ته ائين عمران خان به موجوده حڪومت مٿان تنقيد ۽ وار ڪرڻ وارو عمل ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، ايتري تائين جو توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان جي تحريري جواب کي عدالت غير تسلي بخش قرار ڏيندي کيس نئين سر جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 7 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي. عدالت پاران عمران خان کي مليل اهڙي مهلت تي وفاقي حڪومت پاران شديد سوال اٿاريا ويا آهن، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته “خطي جي مقبول ترين 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم کي بليڪ لا ڊڪشنري جو سهارو وٺي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي تاحيات نااهل ڪري پارٽي جي صدارت تان به هٽايو ويو، کيس ڌيءَ سان گڏ جيل موڪليو ويو،

اگر مقبوليت ئي انصاف جو پيمانو آهي ته تڏهوڪي وزيراعظم نواز شريف جي مامري ۾ هي پيمانو ڪٿي هو؟ عمران خان کي ستن ڏينهن جي مهلت ملي ته دانيال عزيز، طلال چوڌري ۽ نهال هاشمي کي به ملڻ گهرجي. اڳوڻا فيصلا انصاف جي تارازي جو منهن چڙائي رهيا آهن، اگر اڄ جو فيصلو درست آهي ته انهن فيصلن کي به درست ڪيو وڃي، اگر اڳوڻا فيصلا درست هئا ته هن فيصلي ۾ به انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي.” نه رڳو عمران خان کي ستن ڏينهن جي مليل مهلت تي اهڙو رد عمل آيو آهي پر اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ناڻي وزيرن سان سامهون آيل آڊيو ليڪ کي به حڪومت ملڪ سان غداري برابر قرار ڏيندي ان آڊيو رڪارڊنگ جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت جو اهو خيال آهي ته شوڪت ترين جي چوڻ تي خيبر پختونخوا جي ناڻي وزير آءِ ايم ايف جي بورڊ پاران پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري لاءِ ٿيندڙ اجلاس کان هڪ ڏينهن پهريان آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٻڌل خط لکڻ اصل ۾ آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي قرض جي فراهمي کي روڪرائڻ جي ڪوشش هئي، پر ان باوجود حڪومت کي آءِ ايم ايف کان قرض جي فراهمي جي منظوري ملي وئي آهي پر حڪومت توڙي اپوزيشن هڪ ٻئي کي ڪنهن به مامري تي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. نتيجي ۾ ملڪ اندر جيڪا سياسي ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي اها سياسي ڇڪتاڻ هن ٻوڏ جي تباهه ڪن صورتحال ۾ به بند ٿيڻ جو نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

 سوال هي آهي ته جڏهن عمران خان کان وٺي وفاقي ڪابينا جو هر هڪ وزير اهو چئي رهيو آهي ته ٻوڏ ۾ ٿيل موجوده تباهه ڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ ڪنهن اڪيلي پارٽي يا حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ ائين ئي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي عالمي برادري کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري طور تي 16 ڪروڙ ڊالر امداد جي فراهمي جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن موجوده صورتحال ۽ ٿيل تباهي جو مڪمل ازالو ڪرڻ ئي ناممڪن تصور ٿي رهيو آهي تڏهن هن تباهي جي صورتحال ۾ ماڻهن کي ڪنهن حد تائين رليف ڏيڻ لاءِ سڀني پارٽين جي گڏجڻ جي ضرورت آهي ته ان صورتحال ۾ به سياسي ڌرين هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۽ ڇڪتاڻ کي جاري رکنديون پيون اچن. هن وقت تائين ملڪ اندر 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهن جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جي حڪومتي ادارا تصديق ڪري رهيا آهن، جن ۾ سنڌ صوبي اندر هڪ ڪروڙ 45 لک، بلوچستان 91 لک 82 هزار متاثر شامل آهن. ٻوڏ سبب هن وقت تائين ڪل 1191 ماڻهو فت ٿي چڪا آهن. ملڪ اندر ڪل گهر ڪيترا تباهه ٿيا آهن جو اڃا تائين مڪمل طور تي ڪاٿو ئي لڳائڻ ممڪن ناهي، ملڪ اندر گهرن، مال متاع جو ٿيل نقصان پنهنجي جاءِ تي پر ماڻهن جي گهرن ۾ کائڻ  پيئڻ لاءِ رکيل اَنُ، لٽا ڪپڙا ۽ ضرورت جو سمورو سامان به برساتي وهڪرن جي نظر ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ رڳو سنڌ صوبي اندر ڪپهه ۽ کارڪن جو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿيڻ  جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڪمند جو فصل سنڌ اندر 22 سيڪڙو، چانورن جو فصل 71 سيڪڙو تباهه ٿيڻ سان گڏ خريف سيزن جون سبزيون 55 سيڪڙو، ٽماٽر 52 سيڪڙو، مرچ 69 سيڪڙو، بصر 49 سيڪڙو ۽ ٻيا فصل 93 سيڪڙو تباهه ٿيا آهن،  سنڌ صوبي اندر برساتن سبب رڳو زرعي فصلن کي پهتل نقصان جو ابتدائي ڪاٿو 335 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ صوبي جي ڪراچي ڊويزن کي ڇڏي باقي سنڌ طرف ڏسجي ٿو ته هن وقت باقي سموري سنڌ هڪ درياهه جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي. ڳوٺن جا ڳوٺ برساتي پاڻي جي وهڪرن جي نظر ٿي انهن جو نالو نشان نه بچيو آهي ۽ جن هنڌن تي ڳوٺ اڏيل هئا اهي هاڻي ائين ميدان نظر اچي رهيا آهن ڄڻ انهن تي ڪا وسندي آباد ئي نه هئي.

سنڌ ۾ برساتن جيڪي تباهي ڪئي هاڻي ان برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ ڪري وڌيڪ تباهي جا قدم کڄي رهيا آهن. ڪي اين شاهه، ميهڙ سميت مختلف علائقن کي هٿ سان ٻوڙڻ جي دانهن سان سوشل ميڊيا ڀريل آهي. درياهي وهڪرن ۾ به غيرمعمولي اضافو ٿيل آهي. سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراجن تان وڏي ٻوڏ جا وهڪرا گذري رهيا آهن، هن وقت تائين اهو ڪو به يقين سان نه ٿو چئي سگهي ته برساتي ٻوڏ کان پوءِ درياهي ٻوڏ جي صورتحال ڇا ٿيندي پر توقع اها ڪري سگهجي ٿي ته درياهي ٻوڏ جي صورتحال کان قدرت محفوظ رکي، ڇو ته ٻرساتي ٻوڏ ئي اهڙي تباهي ڪئي آهي جنهن تباهي جا سالن تائين اثر نظر ايندا. ڇو ته هن وقت تائين وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتون ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ واري عمل ۾ مصروف آهن، اڪثر علائقن مان اڃا تائين واهر ۽ مدد نه ٿيڻ جون دانهون اچي رهيون آهن. سرڪار پاڻ اها تصديق ڪري رهي آهي ته 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا آهن، پر اڃا تائين خيمن جي فراهمي به مڪمل طور تي نه ٿي سگهي آهي جو گهرن کان محروم ٿيل ماڻهو خيما اڏي انهن ۾ ويهي سگهن. کاڌي خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت صحت جي سهولتن جي فراهمي جي فقدان جون به دانهون ٿي رهيون آهن، نه رڳو ايترو  پر هن وقت تائين 5 هزار ڪلوميٽر ايراضي کان وڌيڪ ايراضي تي ٺهيل روڊ تباهه ٿي ويا آهن. 243 پليون ختم ٿي ويون، لکين ڍور مري ويا آهن. ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي گهر تعمير ڪرڻ لاءِ رقم جي فراهمي، روڊن جي بحالي، پلين جي تعمير لاءِ هزارين ارب رپيا گهرجن، جيڪي فوري طور تي دستياب ٿيڻ ناممڪن لڳي رهيو آهي. ان ڪري اهي سوال ڪر کڻي رهيا آهن ته ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ انهن سوالن جو به درست جواب في الحال حڪومت وٽ به موجود نظر نه ٿو اچي پر جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي نظر اچي رهي آهي اها انتهائي خراب صورتحال جا انديشا پيدا ڪري رهي آهي. ڇو ته ملڪ اندر سبزيون ۽ فصل ختم ٿيڻ سبب سبزين جا اگهه هن وقت ئي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سبزين سوڌو عام واهپي جا اگهه ڪٿي پهچندا ان جو به ڪو اندازو نه ٿو هڻي سگهي پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته موجوده صورتحال ۾ تمام وڌيڪ اگهن تي سبزيون ۽ کاڌي خوراڪ سامان خريد ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر گهٽ اگهه تي به سبزيون ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان خريد ڪرڻ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان صورتحال ۾ شين جي قيمتن جو آسمان تي پهچڻ سان هر طرف کان دانهن ۽ شڪايتن جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، اهو به نظر اچي رهيو آهي ته ڀلي حڪومت توڙي اپوزيشن ۾ شامل پارٽيون سياسي چڪتاڻ کي ختم ڪرڻ  لاءِ تيار نه هجن، پر ٻوڏ جيڪا صورتحال پيدا ڪئي آهي ان صورتحال ۾ هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ جون حڪمت عمليون به لڙهي ويل نظر اچي رهيون آهن. هن صورتحال ۾ ڪجهه مهينن تائين فوري طور تي عام چونڊ ڪرائڻ ته ممڪن ئي نظر نه ٿو اچي، اگر ڪجهه مهينن تائين چونڊ ڪرائڻ ممڪن نه ٿو ٿئي ته پوءِ موجوده حڪومت جي مدت ۾ باقي 5- 6 مهينا ئي رهندا، ان ڪري وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ  لاءِ جيڪا احتجاجي حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي اها گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لڙهي ويل محسوس ٿي رهي آهي ۽ ائين موجوده حڪومت جنهن جي حڪمت عملي مان اهو لڳي رهيو هو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام کان پوءِ هو آخري سال ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏئي اهو تاثر پيدا ڪندي ته اڳوڻي عمران خان جي حڪومت کان اسان جي حڪومت وڌيڪ عوام دوست حڪومت آهي ۽ ان بنياد تي هو ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا. پر موجوده حڪمران اتحاد جي اها حڪمت عملي به ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لڙهي ويل محسوس ڪيان ٿو. هاڻي هن حڪومت لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ عوام وٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي وڃي ووٽ وٺڻ انتهائي مشڪل ترين مامرو نظر اچي رهيو آهي، ڇو ته هن حڪومت کي هاڻي رڳو مهانگائي ۾ گهٽتائي، معيشت جي بهتري ئي نه ڪرڻي آهي پر هن حڪومت کي چونڊن کان پهريان بي گهر ٿيل ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي کي به يقيني بڻائڻو پوندو، اگر واقعي اهو ڪم ڪرڻ ۾ هو ڪامياب وڃن ٿا ۽ عوام به محسوس ڪري ٿو ته حڪومت واقعي انتهائي ڏکئي مرحلي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي  ته پوءِ موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ وڃڻ ۽ عوام کان ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ وٺڻ آسان ٿيندو. پر اهو عمل ڀلي ناممڪن نه هجي پر انتهائي مشڪل ضرور آهي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ٿيل ٻوڏ تباهي ۾ عوامي خدمت ۽ ناقص ڪارڪردگي هڪ پيمانو ٿي سامهون اچي سگهي ٿي.