سکر(بيورو رپورٽ) ٻهاري نه ٻارڙن جي هٿن ۾ قلم ڏيڻو آهي سکر ۾ گرلز گائڊ ايسوسئيشن آگاهي مهم شروع ڪري ڇڏي. آگاهي واڪ منعقد ڪئي وئي. ان ڏس ۾ سکر ۾ گرلز گائڊ ايسوسئيشن گهريلو چائلڊ ليبر جي روڪٿام لاءِ آگاهي جي حوالي سان جاگرتا واڪ ڪئي وئي، ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نسيم اختر مطابق مهم جو مقصد ننڍي عمر جي ٻارڙين ۾ بنيادي انساني حقن، تعليم، صحت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، اسان چاهيون ٿا ته ٻارڙين جي هٿن مان ٻهارو ڇڏائي قلم ۽ ڪتاب ڏجن ته جيئن هو معاشري، ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن.