ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، پراڻي دشمني تان چوڙيون وڪرو ڪندڙ 7 ٻارن جي ماءُ اغوا، مزاحمت تي 2 ڄڻا زخمي، خبر موجب ٻانڌي شهر ۾ هٿياربند گهر تي حملو ڪري چوڙيون وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندڙ باگڙي برادري جي ستن ٻارڙن جي ماءُ راڌا باگڙي کي اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي ھٿاربندن نواز علي ۽ منظور باگڙي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي مقامي ماڻھن اسپتال پھچايو، اسپتال اندر احتجاج ڪندي باگڙي برادري جي ماڻھن چيو ت ڀان سعيد آباد جا وسايو باگڙي، گلو باگڙي ۽ ٻين پراڻي دشمني تان عورت کي اغوا ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اغوا ٿيل عورت کي بازياب ڪرايو وڃي.