ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي لڳ نوجاون پاڻي کي باهه ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڳوٺ حاجي يار محمد جمالي ۾ 25 سالن جي جانب پٽ صاحب خان جمالي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنھن کي زخمي حالت ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاهه منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب سندس جسم 80 سيڪڙو سڙي ويو، جنھن کي نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان جي وارثن موقف ڏيندي ٻڌايو ته نوجوان جو ذھني توازن صحيح نه ھو تنھن ڪري اهڙو جذباتي قدم کنيو، نوجوان جي فوتگي جو اطلاع ملندي ئي سندس گھر ۾ ڪھرام برپا ٿي ويو.