ٻانڌي (رپورٽ: طالب حسين) ٻانڌي ۾ شادي تقريب مان 6 سالن جي معصوم نياڻي سنڌيا ڀيل اغوا بعد قتل، لاش ڪمند جي فصل ڀرسان واٽر ڪورس مان ھٿ، لاش ھٿ اچڻ بعد معصوم نينگري جا ماءُ ۽ پيءُ بيھوش ٿي ويا، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، پوسٽ مارٽم ۾ معصوم نينگري سنڌيا ڀيل جي منھن تي تشدد جا نشان مليا، پوليس جا مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي پوليس ھڪ مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار پاران نينگري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف، ڪيس داخل نه ٿيو، ٻانڌي لڳ ڳوٺ عبدالخالق راڄپر ۾ ڀيل برادري جي شادي تقريب مان ڌرمو ڀيل جي 6 سالن جي نياڻي سنڌيا ڀيل پراسرار نموني اغوا ٿي وئي جنھن جو لاش گھرن ڀرسان ڪمند جي فصل جي ڀرسان واٽرڪورس مان مليو، جنھن جو لاش پوليس رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي آئي. ان موقعي تي فوتي نينگري جي چاچن موھن ۽ بابو ڀيل صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي گذريل رات شادي تقريب ھئي جنھن دوران نينگري سنڌيا گم ٿي وئي اسان شادي تقريب ختم ڪري سڄي رات نينگري جي ڳولا ڪئي پر نينگري ھٿ نه آئي جنھن بعد صبح جو گھرن جي ڀرسان ڪمند جي فصل جي ڀرسان واٽر ڪورس مان نينگري جو لاش ھٿ آيو، جنھن بعد اسان پوليس کي اطلاع ڏنو، جيڪا واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ايمبولينس ذريعي رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي آئي، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي پر ساجن ڀيل وارن سان سڱاوتي تڪرار ضرور ھلندڙ ھو ۽ ان جو به فيصلو ٿي چڪو ھو پر ساجن ڀيل جي ڌر پاران اھو فيصلو قبول نه ڪيو ويو ھو جنھن تان اسان جي معصوم نينگري سنڌيا کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف ٻانڌي پوليس مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي معصوم نينگري کي قتل ڪندڙ ھڪ مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو، جنھن بعد ڊي ايس پي دوڙ نثار احمد وساڻ ۽ ايس ايچ او ٻانڌي حبيب الرحمٰن مري صحافين کي موقف ڏيندي ٻڌايو ته شڪ جي بينادي تي ساجن ڀيل کي گرفتار ڪيو ويو ھو جنھن پوليس جاچ دوران قبول ڪيو آھي ته نينگري کي شادي تقريب مان ورغلائي موٽرسائيڪل تي کڻي نينگري کي گھٽا ڏئي قتل ڪري لاش واٽر ڪورس ۾ اڇلايو ھو، جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل پڻ اھو اعتراف ڪيو آھي ته معصوم نينگري سنڌيا کي قتل ڪرڻ ۾ ھڪ ٻيو جوابدار ريوو ڀيل پڻ گڏ ھو، ڊي ايس پي دوڙ نثار احمد وساڻ وڌيڪ ٻڌايو ته واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل پڻ ھٿ ڪئي وئي آهي ۽ ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آھن، تمام جلد ٻئي جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويندو، جنھن بعد وارثن جي مرضي موجب قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو، جڏھن ته نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي صبا چانڊيو صحافين کي موقف ڏيندي ٻڌايو ته نينگري جو لاش پاڻي ۾ ٻڏل ھو جنھن ڪري صحيح نموني سان ڪجهه نه ٿو چئي سگھجي. جڏھن ته سندس چھري تي تشدد جا نشان مليا آھن، جڏھن ته نينگري جا جزا روھڙي ليب موڪليا پيا وڃن جتان رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي. هوڏانهن گرفتار مک جوابدار ساجن عرف ساجو ڀيل جي نشاندهي تي پوليس هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي نرمل ڀيل کي ھڪ گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته نينگري جو لاش ملڻ بعد سندن گھر ۾ ڪھرام برپا ٿي ويو آھي، خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.