ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت معصوم ٻارڙين کي لاوارث ڄاڻائي هنج وٺڻ جي نالي ۾ آمريڪا اسمگل ڪرڻ ۽ دستاويزن ۾ ڦير ڦار واري ڪيس ۾ سماج سڌارڪ صارم برني جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جوابدار صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، صارم برني هن وقت جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ آهي، صارم برني جي وڊيو لنڪ ذريعي حاضري لڳائي وئي، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ عدالت کان مهلت گهري وئي، عدالت جاچ آفيسر کي 11 جولاءِ تائين حتمي چالان پيش ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي, جوابدار هن وقت جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي ٿيل  آهي.