ٻارهين عالمي دفاعي نمائش جا سيمينار ۽ ٻيون تقريبون 19 کان 22 نومبر تائين ٿينديون:وڏو وزير

0
7
ٻارهين عالمي دفاعي نمائش جا سيمينار ۽ ٻيون تقريبون 19 کان 22 نومبر تائين ٿينديون:وڏو وزير
ٻارهين عالمي دفاعي نمائش جا سيمينار ۽ ٻيون تقريبون 19 کان 22 نومبر تائين ٿينديون:وڏو وزير

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آئيڊياز 2024 جي ٻي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، ڊي جي ڊِي اِي پِي او ميجر جنرل اسد نواز،  ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين جي شرڪت

 وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 12 هين عالمي دفاعي نمائش جا سيمينار ۽ ٻيون تقريبون 19 کان 22 نومبر تائين ٿينديون، آئيڊياز اسان جي ڪراچي شهر جو سڀ کان وڏو ۽ اهم ايونٽ آهي، آئيڊياز جي ايونٽس سان دنيا جي اهم ملڪن سان اسٽريٽجڪ رابطا مستحڪم ٿيا آهن

وڏي وزير 12 هين آئيڊياز ايونٽ منعقد ڪرڻ تي ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي واڌايون ڏنيون، ڊي جي ڊِي اِي پِي او ميجر جنرل اسد نواز آگاهه ڪيو ته آئيڊياز 2024 ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن

 ميجر جنر اسد نواز چيو ته آئيڊياز ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڏو ايونٽ آهي، ايونٽ ڪرائڻ ۾ ڀرپور سهڪار تي سنڌ سرڪار جا ٿورائتا آهيون، وڏي وزير بين الاقوامي ايونٽ جي موقعي تي ڪراچي شهر کي صاف سٿرو رکڻ جون هدايتون به جاري ڪيون