ٻارن ۽ انهن جي حقن جي حفاظت جو ڏينهن

0
163
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هي ڪائنات ڪيتري حسين آهي ان جو مثال ڏيڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته ٻار جي مرڪ جيتري سونهن آهي ڪائنات ۾. ٻار جن جي وجود سان ئي دنيا قائم آهي، ٻار نه هجن ته هي ڪائنات صفا اجڙيل ۽ ڀڙڀانگ ٿي وڃي. ائين ناهي ته رڳو انسانن جا ٻار ئي خوبصورت آهن پر خدا تعاليٰ هر جاندار جي ننڍڙي وجود ۾ ايتري ته خوبصورتي رکي آهي جو اها اسان کي هر شي کان حسين لڳندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻارن جي لاءِ اسان جي جديد دنيا توڙي پراڻين تهذيبن ۾ خاص مقام رکيو ويندو هو. ٻار سڀني کي پيارا هوندا آهن ان ڪري ئي انهن جي حفاظت به اجتماعي ذميواري قرار ڏني وئي آهي. سڌريل ملڪن ۾ اڄ يا تاريخ جي قديم دور ۾ ٻارن جي حفاظت رياست جي ذميواري هوندي هئي. اسلام جي ابتداتي دور ۾ ته ٻار جي ماءُ جي ذميواري به رياست جي ذميواري مقرر ڪئي وئي هئي ۽ انهن کي ٻارن جي ڪري به سهولتون ملنديون هيون. ان بعد جڏهن ڪميونسٽ دور آيو ته ان ۾ به ٻارن جي پالنا رياست جي هٿ ۾ رکي وئي. سرمائيداراڻي دور ۾ به ٻارن جي اهميت آهي ۽ انهن کي خاص رعايتون به ڏنيون وينديون آهن. ٻيو ته ٺهيو پر جنگن ۾ به فوجين کي خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن کي نقصان نه رسائڻ يا گهٽ ۾ گهٽ نقصان رسائڻ جي هدايت ڪئي ويندي آهي. ان ڪري ئي ٻارن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جو چيو ويو آهي. اڄ کان 96 سال اڳ به ٻارن جي حقن جو چرچو هو ۽ 1925ع ۾ جنيوا ۾ ٻارن جي ڀلائي واري عالمي ڪانفرنس ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. جڏهن ته 1950ع کان اهو ڏهاڙو ملهايو ويو ان کي پهرين ڪميونسٽ ملڪن ۾ پهرين جون تي ملهايو ويندو هو ۽ پوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان ٻارن جي حقن جو چارٽر منظور ٿيڻ بعد 1959ع کان ان کي 20 نومبر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ هر سال هي ڏينهن ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ٻارن جي حقن جي حفاظت، انهن کي تعليم، صحت، جيئڻ جي حق جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ٻين حقن جي فراهمي آهن. جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي پر حقيقت حڪومتي اعلانن جي ابتڙ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ٻار اڄ به سڀ کان وڌيڪ زيادتين جو شڪار اهي معصوم ٻارڙا ئي آهن.

اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ صورتحال ته تمام گهڻي خراب آهي. اسان وٽ معصوم ٻارڙن جي حياتين کي چيڀاٽيو ويندو آهي. جيئن ته ٻار آسان هدف هوندا آهن ان ڪري انهن تي وحشتن جا پهاڙ ڪيرايا ويندا آهن پر انهن کي انصاف ڏيارڻ وارو ڪير به نه آهي. جسماني تشدد جي واقعن جي ڳالهه ته پنهنجي جاءِ تي پر رڳو ٻارن تي جنسي تشدد جا واقعا روز رپورٽ ٿي رهيا آهن. 2021ع جي انگن اکرن موجب سال ۾ 3 هزار 852 ٻارن کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. انهن مان پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 464 واقعا ٿيا. سال ۾ 146 اجتماعي زيادتي جا واقعا ٿيا. جڏهن ته 2022ع جي رپورٽ ته هوش اڏائڻ ۽ شرم کان ڪڌ جهڪائڻ لاءِ ڪافي آهي. رڳو 30 جون تائين سراسري طور روز 12 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو اهڙي ريت اهو انگ 2 هزار 211 هو. اسان سمجهون ٿا ته اهي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا آهن جن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن. اسان جي سنڌ ۾ رڳو هڪ مهيني اندر ئي ايترا وحشت جا واقعا ٿيا آهن جو ماڻهو انهن جو ذڪر ئي ڪري نه ٿو سگهي. اسان جي حڪومت کي اپيل آهي ته ٻارن جي حفاظت يقيني بڻائي انهن کي سمورا حق ڏياريا وڃن ته جيئن هي دنيا وڌيڪ حسين ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته ٻارن جهڙا گل نه هوندا ته دنيا ڀڙڀانگ ٿي ويندي.