اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، دنيا ۾ تيل، گيس جون قيمتون وڌنديون ته پاڪستان ۾ به قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي اهڙي پروپيگنڊا ٿي رهي آهي ڄڻ ته اسان دنيا جي ڪنهن ٻئي ڌار سياري تي آهيون، اڄ قيمتون وڌيڪ آهن ته سڀاڻي گهٽ ٿي وينديون ته پاڪستان ۾ به قيمتون گهٽجي وينديون، قوم وانگر گڏجي مشڪلاتن جو مقابلو ڪنداسين، معاشي مشڪلاتون عارضي آهن.