جيڪب آباد: جيڪب آباد جي عدالت شهرين کي ٺڳيندڙ عورت ثنا اقبال خلاف سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ 17 مئي تي ضمانت رد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ جوابدار عورت ڪار ۾ چڙهي عدالت مان فرار ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ثنا اقبال لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ کان 22 جون تائين حفاظتي ضمانت ورتي، جڏهن ته سول لائن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ کان پوليس جوابدار عورت جي پيءُ سليم اقبال کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او سول لائن مشتاق ڀنگوار ٻڌايو ته شهرين کي ٺڳيندڙ عورت پوليس کي هٿ نه اچي سگهي آهي، جوابدار عورت جي پيءُ کي گرفتار ڪيو آهي، ايس ايچ او موجب ڪيترائي شهري ٿاڻي تي اچي جوابدار عورت تي ٺڳي جا الزام هڻي رهيا آهن.