ٺٽو )رپورٽر) ضلعي ڪائونسل ٺٽي پاران ضلعي جي 215 ذھين ۽ مستحق شاگردن ۾ اسڪالرشپ جا مختص ڪيل 50 لک رپيا ڏنا ويا. شھيد بينظير ڀٽو ھال ۾ ٿيل تقريب ۾ ضلعي جي مختلف ڪاليجز ، يونيورسٽيز ۽ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 215 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا ويا جڏهن ته ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، وائيس چيئرمين ممتاز جلباڻي، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ڪائونسل ٺٽو پاران 50 لک رپيا غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مختص ڪيا ويا ھئا جيڪي ميڊيڪل، سائنس، انجنيـرنگ ۽ ڊپلوما ڪندڙ 215 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميرٽ جي بنياد تي ورھايا آھن. ھنن چيو ته ھي سلسلو اڳتي به جاري رکيو ويندو.