ٺٽو ( رپورٽر ) جھرڪ شھر ۾ پ پ پاران نامزد ڪيل پي ايس 75 ٺٽو جي پ پ اميدوار سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ اين اي 225 ٺٽو جي نامزد پ پ اميدوار صادق علي ميمڻ جي چونڊ مھم جي سلسلي ۾ جلسي عام منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ پ پ جي اميدوارن ۽ پ پ اڳواڻن امتياز قريشي، سيد محمود عالم شاھ بخاري، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي،ممتاز علي چنڊ ميمڻ، شفقت علي پاتڻي، ممتاز جاکرو سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪري پ پ اميدوارن جي حمايت ڪئي، ان موقعي تي جھرڪ ۾ منعقد ڪيل جلسي عام کي خطاب ڪندي پ پ اميدوارن سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ صادق علي ميمڻ چيو ته سندن پوزيشن مضبوط آھي هتان جي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته ضلعي ٺٽي جي عوام پ پ اميدوارن سان گڏ آھي ۽ 8 هين فيبروري تي ضلعي مان سموريون سيٽون کٽي مخالفن کي شڪست ڏيئي بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائينداسين