ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي سي آءِ اي پوليس پاران ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ سفينا پڙيون سپلاءِ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري مين پڙي ۽ سفينا سان ڀريل ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي، سي آءِ اي پوليس ٺٽي جي انچارج ممتاز بروهي موجب، گھاري ويجھو ڪار تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار سفينا پڙين جا ڪارٽون هٿ ڪري ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ مين پڙي سفينه سپلاءِ ڪندڙ جوابدار محمد شفيق کي گرفتار ڪيو، هن چيو ته ٺٽو ۽ سجاول ۾ مين پڙي سفينا سپلاءِ ڪندڙ پاڻ کي جعلي ميجر سڏائي سفينا پڙيون سپلاءِ ڪندو هو، سندس جعلي ڪارڊ هٿ ڪيو ويو.