ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجھو ڳوٺ محمد بخش ملاح ۾ باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ غريب پورهيتن گل محمد، اسلم ملاح، حاجن ملاح، علي محمد ملاح، سليم ملاح، دودو ملاح، محمد علي ملاح، عرس ملاح، وزير ولد عرس ملاح ۽صيفل ملاح جا 10 ڪکاوان گھر  ۽ انهن ۾ پيل هنڌ ، بسترا ، نياڻين جي ڏاج سميت سمورو الھه تلھه اک ڇنڀ ۾ سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت  باھ تي ضابطو آندو،  ٻي طرف کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.