ٺٽو (رپورٽر) درگاھ ستيون ويجھو ڪي ڊي اي نالي لڳ ڳوٺ حاجي پالاري جي ڪيترن ئي رھواسين پاران پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ توڙي کين سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم رکڻ خلاف مڪلي تي شير خان پالاري، حسن، ربنواز، وطو پالاري، گلاب، عاشق علي، پيرو، نظير ۽ نواز علي پالاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن خطاب ڪندي چيو ته کين ھر دور ۾ نظر انداز ڪري سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم بڻايو ويو آھي، ھنن چيو ته ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سھولت نه ھجڻ ڪري پري پري کان پيئڻ جو پاڻي آڻڻ سان گڏ سندن ڳوٺ ۾ 2008 کان وٺي ھيل تائين ڪوبه ترقياتي ڪم ٿي ناھي سگھيو، ھنن چيو ته ھو ھميشه پ پ پ جا ووٽر ھوندي به کين نظرانداز ڪيو ويو آھي. ھنن گھر ڪئي ته کين پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري کين مڇردانين سان گڏ سندن سروي ٿيل گھرن کي منظور ڪري گھر جوڙائي ڏنا وڃن، جيئن سندن پريشاني دور ٿي سگھي.