ٺٽو (رپورٽر) جھمپير کان ٺٽي مسافر بس ۾ آيل 7ورهين جو ٻارڙو نورو پٽ جمن ملاح ٺٽي شھر مان پنھنجي امڙ کان وڇڙي گم ٿي ويو، نينگر جو دماغي توازن درست نه آهي، وارثن پاران ڳولا ڪئي پر ھٿ نه اچي سگھيو، ٻارڙي جي مامي يارو ملاح اپيل ڪئي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.