ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدلحميد پنهور ميمبرن جي اڪثريت راءِ سان نئين مالي سال 2024 ۽ 2025ع جي 71 ڪروڙ ، 94 لک ، 24 هزار 297 رپين جي بجيٽ پيش ڪري 5 لک 70 هزار 143 جي بچت بجيٽ منظور ڪرائي ورتي آهي ان ڏس ۾ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي نئين مالي سال 2024 ۽ 2025ع جو بجيٽ اجلاس چيئرمين عبدالحميد پنهور جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ چيئرمين  نئين مالي سال جي 71 ڪروڙ 94 لک 24 هزار 297 جي بجيٽ پيش ڪندي ڄاڻايو  ته نئين مالي سال واري بجيٽ مان 55 سيڪڙو رقم ترقياتي ۽ فلاحي ڪمن ۽ غريبن جي مدد توڙي ذهين مستحق شاگردن جي مدد لاءِ  رکي وئي آهي. جڏهن ته پگھارن ۽ پينشن جي مد ۾ 40 سيڪڙو رقم رکي وئي آهي. هن چيو ته غير ضروري خرچن کي گھٽائيندي سرڪاري ۽ غير سرڪاري خرچن جي مد ۾ رڳو 5 سيڪڙو رقم رکي وئي آهي ته جيئن بچيل رقم ضلعي جي عوام جي ڀلائي تي ڪتب آندي وڃي. نئين مالي سال جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ اهو به ڄاڻائيندي چيو ويو ته ملندڙ آمدني جي حوالي سان او زيڊ ٽي جي مد ۾ 41 ڪروڙ ، زمين ۽ جائداد تي ٽرانسفر ٽيڪس جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک ، ضلعي ترقياتي ٽيڪس ۽ پراپرٽي ٽيڪس جي مد ۾ 2 ڪروڙ 50 لک ، واٽر پارڪ ٽيڪس ۽ في جي مد ۾ 10 لک ، ٽينڊر في ۽ ڏنڊ وغيره جي مد ۾ 10 لک ، دڪان ۽ ڪوارٽر ڪرائي جي مد ۾ 11 لک 85 هزار رپيا حاصل ٿيندا. ٻي آمدني جي مد ۾ 3 لک جڏهن ته پهرين جولاءِ 2024 لاءِ موجود بيلنس 20 ڪروڙ 53 لک 38 هزار 727 رپين سميت آمدني 71 ڪروڙ 94 لک 24 هزار 297 ٿيندي. جڏهن ته ڄاڻايل بجيٽ ۾ خرچ جي ڪاٿي طور پگھارن ۽ پينشن جي مد ۾ 27 ڪروڙ ، 76 لک 74 هزار 148 ، آفيس جي خرچ جي مد ۾ 2 ڪروڙ 47 لک 80 هزار ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري خرچ جي مد ۾ 60 لک ، فلاحي ڪمن ۽ اسڪالر شپ جي خرچ جي مد ۾ هڪ 1 ڪروڙ 35 لک ، رهتن جي ادائيگي لاءِ هڪ 1 ڪروڙ ، قدرتي آفتن جي متاثرن لاءِ هڪ 1 ڪروڙ 50 لک ، آفيس جي ملڪيت جي مرمت جي مد ۾ 80 لک ، هلندڙ ترقياتي ڪمن جي خرچ لاءِ 11 ڪروڙ 40 لک ، نئين مالي سال 2024 ۽ 2025 جي نون ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 25 ڪروڙ سميت 71 ڪروڙ 88 لک 54 هزار 148 نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ خرچ ڄاڻاويو آهي جڏهن ته ملندڙ آمدني ۽ خرچ بعد پيش ڪيل بجيٽ 5 لک 70 هزار 149 واري بچت ٿيندي. ضلعي ڪائونسل چيئرمين پاران پيش ڪيل بجيٽ جي  منظوري ڏئي ڇڏي.  اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل جي چئيرمين عبدالحميد پنهور چيو ته سندس پاران ٻي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي بجيٽ مان غيرضروري خرچن تي ضابظو آڻيندي اها بجيٽ ترقياتي فلاحي ڪمن تي خرچ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن عبدالخالق سومرو، احمد پالاري، منصور قادر لاشاري ۽ ٻين پڻ ڳالهائيندي بجيٽ کي متوازن بجيٽ قرار ڏنو ۽ چيو ته ضلعي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ٺٽي جي سفارشي آفيسرن جي شرڪت نه ڪرڻ ڪري اسين عوام جي مسئلن کي حل ڪرائڻ کان قاصر آهن. هنن چيو ته ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني پٽي جي زمين تي نه رڳو قبضي ڪندڙن جي يلغار آهي پر قبضا مافيا جي وڏي انگ ۾ قبضن سبب ڳوٺ، قبرستان ۽ رستا لنگھه غير محفوظ بنجي ويا آهن ۽ تيزي سان بدامني وڌي رهي آهي پوليس ڪجھه به نٿي ڪري جنهنڪري مقامي رهواسي عدم تحفظ جو شڪار آهن. هنن چيو ته هڪ پاسي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ٻئي پاسي پاڻي جي سخت کوٽ هجڻ ڪري شاخون سوڪهڙي جو شڪار آهن ۽ فصل سخت متاثر آهن. هنن اهو به چيو ته ضلعي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊينگ سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هنن ضلعي ڪائونسل چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته ايندڙ  اجلاسن ۾ سمورن کاتن جي ڪامورن جي شرڪت کي يقيني بڻائي عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي عوامي مسئلن کي موقعي تي حل ڪرايو وڃي