ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي مڪلي اسٽيڊيم م پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سنڌ حڪومت توڙي ضلعي اتنظاميه پاران انٽر ڪرڪيٽ چئمپين شپ جا ٺٽي جي اسڪولن جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ مئچن جو سلسلو جاري آهي چئمپين شپ جي ٻئي ڏهاڙي تي 2 ميچون ٿيون. پهرين مئچ ۾ گھارو هاءِ اسڪول جي ٽيم ٺٽو هاءِ اسڪول جي ٽيم کي 7 وڪيٽن سان هارائي ڇڏيو. مين آف دي مئچ نعمان خان کي قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ وزڊم اسڪول جي ٽيم گل منڊا هاءِ اسڪول جي ٽيم کي 9 وڪيٽن شڪست ڏني. مين آف دي ميچ سرمد علي کي قرار ڏنو ويو.