ٺٽو (رپورٽر) واپڊا ملازمن جي يونين واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز ٺٽو ۽ سجاول پاران شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي حيسڪو آفيس مڪلي کان ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھه تائين ريلي ڪڍي واپڊا جي شهيد ملازمن کي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي واپڊا ملازم اڳواڻ منور علي تارو، شير زمان سھتو، وحيد رند، امير علي کوسو، قيوم خاصخيلي، گلاب لنڊ، نواز تارو ۽ ٻين چيو ته ڪيترائي ملازم ڊيوٽي دوران پنھنجي جانين جا نظرانه ڏئي چڪا آھن، ٺٽو ۽ سجاول جي ڪيترن ئي ملازمن جون جبري بدليون ڪري کين پريشان ڪيو پيو وڃي، واپڊا کي ھٿ وٺي نجڪاري حوالي ڪري سمورن ملازمن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي.