اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي  احتساب عدالت جي جج اعظم خان ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، خواجا عبدالغني مجيد ۽ ٻين کي 23 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، ڪالهه ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري ۽ خواجا عبدالغني مجيد جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون، جڏهن ته شريڪ جوابدار مناهل مجيد کي ريفرنس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.