ٺٽو (رپورٽر) سنڌ ڪلچرل فورم پاران سنڌ جي جڳ مشھور ڪھاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ ليکڪ  علي بابا جي جنم ڏينهن جي موقعي تي 5 جولاءِ کان 12 جولاءِ تائين وڻ پوکي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو چيو ته سنڌ جي جڳ مشھور ڊرامه نويس،ڪھاڻيڪار ۽ مٽيءَ جي ماڻھو علي بابا جي جنم ڏينهن جي موقعي تي  نم، املتاس ۽ ٻين وڻن جا ٻوٽا لڳائي کيس زبردست خراج پيش ڪيو ويندو، ھن چيو ته علي بابا سنڌ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عالمي سطح جو ليکڪ ھو جنھن عالمي ادب جي سطح جون ڪھاڻيون ،ڊراما ۽ ناول لکيا ۽ هو سنڌودرياءَ ،سنڌ جي مٽي ۽ فطرت  جو عاشق ۽ وفادار فرزند ھو پر  افسوس جو اڄ سنڌ جي مٽي، فطرت ماحول ۽  درياءَ پريشاني ۽ تباھيءَ جي ور چڙهيل آهن، هن علي بابا سان محبت ڪندڙ سمورن دوستن کي اپيل ڪئي آھي ته علي بابا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ وڻن پوکڻ واري مھم ۾ ڀرپور نموني ساٿ ڏنو وڃي.