ٺل(ن پ ا)ٺل ۾ بجلي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ بلاجواز بجلي ڪاٽا ڪرڻ خلاف هندو برادري جو دڪان بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو هندو محلي کان احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪندي رهبر چوڪ تي ٺل جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪري سيپڪو خلاف نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ مظاهرين هندو پنچائت جي صدر رميش لعل۔اشوڪ ڪمار گرمکداس۽ ٻين چيو ته ٺل جي هندو برادري سان سيپڪو عملدارن ناجائزي ڪندي بلاجواز بجلي ڪاٽي رهيا آهن اسان جي بجلي جا بل ادا ٿيل هجڻ باوجود به سيپڪو عملدار رشوت گهري رهيا آهن نه ڏيڻ تي بجلي ڪاٽي رهيا آهن هن سخت گرمي ۾ بجلي نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا توڙي گهرڀاتي پريشاني جو شڪار آهيون هنن چيو ته بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري عوام جو جيئن جنجال بڻجي ويو آهي ٺل ۾ سيپڪو جا عملدار رشوت جي ناهي تي ڀتو وصول ڪري رهيا آهن هنن گهر ڪئي ته سيپڪو جي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري بجلي بحال ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو