ٺل (ن پ ا) ٺل جي گولا محلي ۾بلاول گولو گهر جي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ  لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي محلي واسين موٽر سائيڪل ذريعي اسپتال پهچايو،جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،نوجوان جو لاش لوڊر رڪشا ذريعي گهر آندو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.سندس امڙ لاش کي چنبڙي بيهوش ٿي وئي،لاش لوڊر رڪشا ذريعي کڻڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.