ٺل (ن پ ا) شڪارپور ضلعي جي علائقي لکي غلام شاهه مان ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل سيپڪو جي اڳوڻي آفيسر بدالمجيد سرڪي کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري مغوي جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. هوڏانهن مغوي جي وارثن ۽ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران بازيابي لاءِ اڄ ٺل ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اڳواڻن موجب علائقي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ مغوي عبدالمجيد سرڪي جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي اڄ ڌرڻو هنيو ويندو.