ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو آر ڊي 52 ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو کوسو مان 24 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل زميندار بهرام کوسو کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. کوسا برادري پاران چيئرمين ضلع ڪائونسل طاهر کوسو جي اڳواڻي ۾ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ مغوي بهرام کوسو جي وارثن ۽ کوسا برادري جي معززين شرڪت ڪئي. چيئرمين ضلع ڪائونسل طاهر کوسو چيو ته زميندار بهرام کوسو جي بازيابي لاءِ اڄ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. مغوي زميندار بهرام کوسو جي پٽ صدام کوسو چيو ته بابا کي پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي پريشاني ۾ ورتل آهيون.  گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد کان گهر ڪئي وئي ته بهرام کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن ٺل ۾ کوسا برادري جي نوجوانن رويد کوسو ۽ ٻين دڪاندارن کي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پمفليٽ ورها ويا. ياد رهي ته 24 ڏينهن اڳ پيارو کوسو مان زميندار بهرام کوسو کي اغوا ڪيو ويو هو.