ٺري ميرواھ/گمبٽ/ کهڙا (نمائندن وٽان) انتظاميا جون دعوائون وائکيون ثابت، ٺري ميرواھ ۽ گمبٽ تعلقي هيڊڪوارٽرز سميت اڌو اڌ ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، شهرن ۾ گندو پاڻي بيهڻ سبب رهواسي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا. ان ڏس ۾ نمائندن جي رپورٽن موجب ٺري ميرواھ تعلقي کي مختلف شھرن سان ڳنڍيندڙ ميهر ويسر سوئي گئس مين روڊ کي چار مهينا اڳ ڏئي ڇوڙ ڪيل برساتي پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. اهڙي صورتحال ۾ مختلف علائقن جي رهواسين کي وڏا وڪڙ ڪري ٺري ميرواھ توڙي ٻين شھرن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو. جڏھن ته هڪ مهيني کان مقامي ماڻھو چندو ڪري پاڻي ۾ ٻڏل روڊ تي مٽيءَ وجهرائي روڊ بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن. جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ، زرعي زمينون، قبرستان، هاءِ اسڪول اڃا تائين پاڻيءَ هيٺ هئڻ سبب علائقي واسي عذاب جهڙي گذارڻ تي مجبور آھن. زرعي زمينن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري علائقي واسي ڪڻڪ جي پوکائي نه ڪري سگهيا آهن. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالباسط هڪڙي ٻڌايو ته  ميهر ويسر – سوئي گئس روڊ جي بحالي ۽ برساتي پاڻي نيڪال لاءِ لک پڙھ جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي، جلد پاڻي نيڪال ڪرائي روڊ بحال ڪيو ويندو. هوڏانهن گمبٽ شھر جي تاريخي درگاھ سيد باقر شاھ بخاري عرف گولي شاھ جي قبرستان ۾ نيڪال وارو گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب قبرون ميسارجڻ شروع ٿيون ويون آهن. رهواسين ايڊووڪيٽ ڪرم علي ناريجو، فقير صلاح الدين چنو، ڪامران مغل ۽ ٻين ٻڌايو ته ڊفينس سٽي هائوسنگ اسڪيم جو گندو پاڻي درگاھ باقر شاھ بخاري قبرستان ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي کھڙا شھر جي مين بازار ۽ اهم روڊن رستن تان 5 مهينا گذرڻ کان پوءِ به گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. شهر جي مين بازار سميت کھڙا- گمبٽ روڊ، کھڙا- ڊرٻ ميهر شاھ روڊ، کھڙا- رپڙي روڊ ۽ ٻين رستن تي گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي.  شهر توڙي اهم روڊن رستن تان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف گذريل ڏينهن شهرين ۽ دڪاندارن پاران ڪالهه ٽئين ڏينهن پڻ ابل واھ جي پڪي پل تي ٽائر ساڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته شهر مان فوري طور گندو پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته ٽائون ڪاميٽي کھڙا ۽ پبلڪ هيلٿ گمبٽ انتظاميا خلاف هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.