ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ ٿاڻي جي حد ڍيڍاڻو پوليس پڪٽ لڳ ڳوٺ شاهه محمد پنهيار ۾ 62 ورهين جي رٽائرڊ پرائمري استاد احمد پنهيار کي نامعلوم جوابدارن گهر اندر کٽ تي رسن سان ٻڌي سخت تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع بعد ٺري ميرواھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٺري ميرواھ اسپتال آندو، جتي مقتول ماستر احمد پنهيار جي ڀاءُ سڪندر پنهيار ٻڌايو ته ڀاءُ گهر ۾ اڪيلو رهندو هو، جنهن جو بااثر ماڻھن سان خوني تڪرار هلندڙ هو، پلاند ۾ رات دير سان جوابدار، کيس رسن سان ٻڌي گهٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اسان کي واقعي بابت صبح اطلاع مليو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو. جڏھن ته پوسٽ مارٽم بعد پوليس پاران لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته ميرواھ پوليس جو چوڻ آھي ته مقتول جو پنهنجي برادريءَ سان خوني تڪرار هلندڙ هو، گهر ۾ اڪيلو رهڻ دوران کيس تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا آھن. وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.