ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه شاهي بازار ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي سکر جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر رياض احمد مهر جي اڳواڻي ۾ هوٽلن ۽ آئيس ڪريم پارلر سميت مختلف مشروبات وڪرو ڪندڙ دڪانن تي ڇاپا هنيا، جتي چڪاس دوران کير، آئسڪريم ۽ مشروبات ۾ ڪيميڪل مليو، جنهن تي ٽيم انهن کي موقعي تي ئي ضايع ڪرائي ڇڏيو، ٽيم جي ڇاپن دوران ٺري ميرواهه شھر جا ڪيترائي هوٽل بند ٿي ويا.