ٺاروشاھ ۽ مٽياري ڀرسان جهيڙن جا واقعا، 19 ڄڻا زخمي

0
255

ٺاروشاھ ڀرسان سڱاوتي تڪرار  تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون، ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ ڪري چار عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ سونهري ۾ سڱاوتي تڪرار  تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، مسمات تسليم سولنگي، مسرت عارفان، ذويان سولنگي، نديم، وسيم، الاهي بخش ۽ سولنگي سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو.

جهيڙي جو  ٺاروشاھ ٿاڻي تي 8 ڄڻن خلاف ڪچو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو، جھيڙي جي ڪري  ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. ٻئي پاسي مٽياري ڀرسان ڳوٺ مڱريو ۾ گھٽي جي لنگهه تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جهيڙي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب مسمات نظيران، زرينا، مسمات ماروي، الهڏنو کوسو، نواز، ڪمال، مير خان ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.