ٺاروشاھه (ن پ ا) ٺارو شاهه پوليس درٻيلو مان شادي تان رات جو دير سان موٽندڙ اسٽيج ڊراما ڪندڙ فنڪارن کي روڪي فنڪار راشد ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس فنڪارن کان گھور ۾ پيل پيسا به ڦري ورتا، ان ڏس ۾ اسٽيج فنڪارهه رابعا ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته رات دير سان اسٽيج ڊرامو ڪري واپس اچي رهيا هئاسين ته پوليس اهلڪار شاھد ڪلھوڙو ۽ ٻين اسان کي روڪي گاڏي جي ڪاغذن جو جواز ڄاڻائي رشوت گھري جيڪا نه ڏيڻ تي فنڪار راشد ڀٽي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، ھن چيو ته اسان فنڪار فن جو مظاھرو ڪري عوام کي تفريح مهيا ڪري خوشين ۾ اضافو ڪريون ٿا، پوليس اسان سان ظلم ڪيو آھي، هوڏانهن خبرون ميڊيا ۾ هلڻ بعد ايس ايس پي نوشھرو فيروز نوٽيس ورتو، جنهن بعد پوليس فنڪار راشد ڀٽي کي آزاد ڪري ڇڏيو.