ٺاروشاهه(ن پ ا)  ٺاروشاھ ۾ قومپرست جماعتن جو سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو. اصغر ڀنگوار سميت ٻين قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو. ٺارو شاهه ۾ جسم، سنڌ سجاڳي فورم ۽ وارثن پاران سارنگ جويو، عرفان ڏاهري، عزيز ڀنگوار، علي شير ڪيريو، خليل شر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هر آئي ڏينهن بلاجواز پر امن قومي ڪارڪن کنڀجي رهيا آھن جنکي روز تشدد جو نشايو بڻايو پيو وڃي هنن چيو ته فوري طور بلاجواز کنڀي گم ڪيل اصغر ڀنگوار سميت قومي ڪارڪنن فوري طور بازياب ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.